ڀائي خان  جو مقبرو

ڀائي خان جو مقبرو

ڀائي خان جو مقبرو

ڀائي خان جو مقبرو: ڀائي خان ڪلھوڙا خاندان جو اھم رڪن، ۽ ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي خاص صلاحڪارن مان ھو، سندس هي مقبرو ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي قبرستان، ديهه ۽ ڳوٺ ميان نورمحمد ڪلھوڙي تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ آهي. ھن ماڳ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ آهي، ھن جي اوڀر ۾ ھڪ ڪلوميٽـر پنـڌ تي لنڊڪي ڪئنال، مقيم ڏاھريءَ جو ڳوٺ ٽن ڪلو ميٽرن پنڌ تي ۽ مـوري جو شھر 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھـي. ھـي مـاڳ اتـر ويـڪـرائـي ڦـاڪــ 260 32’ 50”ڊگـرين ۽ اوڀـر ڊگھـائـي ڦـاڪــ 680 04’ 50”ڊگـريـن تــي آھـي. هـــن جــي اڏاوت ۾ پڪيــون ســرون، گـل، گــچ گــارو اسـتعمــال ڪيـو ويــو آھــي. ھــن مقـبــري جــي مــاپ 6.70 ميـٽر اوڀر اولهه 5.25 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ اوچائيءَ 6.30 ميٽر آھي.
ڀائي خان جو مقبرو مستطيل ۽ ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھي. لنگھه وارو دروازو اتر ۾ آهي ۽ ان جون ونگون گھڻ راسيون آھن. هن جي مھاڙي اڀن ۽ سڌن پانيلن سان سنواريل آھي. ڪمانون گھڻ راسيون آھن. ٻيڙ- ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن، جن مان ڪن جون برجيون ڪري پيون آھن. مقبري جي مٿان محرابي ڇت آهي، ان جي مٿان ڪنول جو ابتو گل ۽ ان جي مٿان ڪلسو ٺھيل آھي. اوڀر، اتر، ۽ ڏکڻ ۾ هوا جي لنگهه لاءِ دريون ٺھيل آھن. اندر، ھر ڀت تي گھڻ راسيون ونگون، پانيل ۽ ونگون ٺھيل آھن. هن مقبري جي اندر ٻه قبرون چن گاري سان لتل آھن. ھن وقت مقبرو چڱيءَ حالت ۾ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو